اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جي لاءِ روڊ ۽ ريل ٽ??انسپورٽ کي وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي جنهن سا?? نه رڳو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌندا پر ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۾ به اضافو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چيف آف ترڪ جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سا?? گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ پاڪستان ۾ ??رڪ??ه جو سفير ڊا??ٽر مهمت پاچاجي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ??رڪ??ه سا?? گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪر?? جي لاءِ پرعزم آهي. هن ٻن ڀائر ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻ?? جي لاءِ ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا خاص طور تي ادب ۽ شاعري جي شعبن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ??رڪ??ه پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪر?? جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپا اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ڪري وڌيڪ بهتري طرف گامزن آهن. ان کان اڳ ايوان صدر ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏي?? جي لاءِ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ??رڪ??ه جي چيف آف اسٽاف جنرل متين گورڪ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو.