اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گهرو وزير شيخ رشيد احمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جا??ي بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ۾ امن امان ۽ سياسي صورتحال ۽ افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ راولپنڊي ۾ جا??ي ترقياتي منصوبن، خاص طور تي ناله لئي منصوبي تي اڳڀرائي جو جا??زو ورتو ويو.