اسلا?? آباد ??? 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار انٽرويو ڏئي مڪمل طور تي پاڻ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جو سدائين موقف رهيو آهي ته هن منظم طريقي سان مني لانڊرنگ ڪئي، شريف فيملي جي غيرقانوني طريقي سان اثاثا وڌائڻ ۾ پڻ اسحاق ڊار جو ڪردار رهيو آهي. نجي ??ي وي چينل جي ??روگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گذريل 40 سالن کان واريون وٺنديون آهن، انهن ماڻهن عوام جي ڪا خدمت ناهي ڪئي، ٻنهي پارٽين ٻنهي هٿن سان قومي ناڻي کي ڦري پنهنجا اثاثا وڌايا ۽ ملڪي معيشت تباهه ڪئي. شبلي فراز چيو ته اڳوڻن ??ڪم??انن هر دور ۾ قانون کي غلط استعمال ڪيو.