اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي ب??نڪ??ري جي نظام جي فروغ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن، اسلام ڪنهن به شعبي ۾ استحصال جي اجازت ناهي ڏيندو، صرف منافعو ڪمائڻ ئي ترجيح نه هجڻ گهرجي، اليٽ ازم (خواص جي حڪمراني جي دستور تي اعتقاد) معاشرن کي اڏوهي وانگر کائي رهيو آهي، اسلام آباد اليٽ ازم جو تصور نه آهي، ڪووڊ 19 مالياتي منڊين لاءِ چئلنيج جي حيثيت رکي ٿو، اسلامڪ فنانسنگ جو بنياد صرف ڏيڻ وٺڻ تي نه پر صلح رحمي تي آ??ي، عورتن ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ بئنڪنگ ۽ فنانسنگ جون سهولتون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 10 هين گلوبل ا??لامڪ فنانس ايوارڊ جي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو، صدر چيو ته ان تقريب جو انعقاد خوش آئنده آهي ان جي ذريعي اسلامڪ فنانسنگ جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن جو اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسلامي ب??نڪ??ري ۽ مالياتي نظام کي سگهه ملي رهي آ??ي، پاڪستان ۾ اسلامي ب??نڪ??ري جي نظام جي فروغ لاءِ به سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ 17 سيڪڙو ب??نڪ??ري اسلامي قانونن موجب ٿي رهي آ??ي، اسلامڪ فنانسنگ جو حصو گلوبل فنانسنگ ۾ گهٽ آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيا ادارا اسلامي ب??نڪ??ري کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام ۾ به ان حوالي سان ڪافي آگاهي ڏٺي وڃي ٿي.