اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ عورت اڳواڻن چيو آهي ته 5 آگست 2019ع ڪشمي??ين جي تاريخ جو ڪارو ت??ين ڏينهن آهي، ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت جي تبديلي جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي، ان قدم جي آڙ ۾ ڪشمي??ين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، 10 ??ک هٿياربند فوج جي موجودگي جي باوجود ڪشمي??ين جي آزادي جي جدوجهد تان هڪ قدم پٺتي نه هٽائي سگهيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي قانونساز اسيمبلي جي ميمبر سحرش قمر چيو ته 5 آگسٽ کانپوءِ ڪشمير ۾ تاريخ جو بدت??ين ڪرفيو آهي، 10 لک فوج معصوم ڪشمي??ين جو گهيراءُ ڪري رکيو آهي، عدالت کان مٿانهون قتلام آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارت جي گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف قدم جو نو??يس وٺي. ڀارت ڄاڻي وٺي طاقت جي زور تي ڪشمي??ين کي وڌيڪ دير تائين غلام نه ٿو رکي سگهجي. جماعت اسلامي عورتن جي اڳواڻ ۽ قانونساز اسيمبلي جي ميمبر رفعت عزيز چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي ۽ انڊين آئين ۾ ترميم ڪندي شق 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري والاريل ڪشمير کي انڊين يونين ۾ ض?? ڪري ڇڏيو ان سان گڏ ئي پوري واديءَ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو هنيو ويو، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي ۽ ڪشمي??ين تي ڏاڍ ۽ تشدد جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو، پوري واديءَ گڏيل جيل خاني ۾ تبديل ٿي وئي، گهرن جي اندر ٽوڙ ڦوڙ، عورتن جي بي حرمتي، نوجوانن تي بدت??ين تشدد، اغوا ۽ گ?? ڪرڻ جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هندوئن جي آبادي جي منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ هڪ سال گذرڻ جي باوجود جاري آهي. رفعت عزيز چيو ته سموري ڏاڍ ۽ تشدد ۽ بي رحماڻي ظلم جي باوجود ڀارت آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي، ان دوران گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ رهيو، ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدت??ين پائمالين جي خلاف ورزين جون رپورٽون منظرعام تي اچي ويون پر ڪشمي??ين جي مدد جا ڪا حڪمت عملي ڪنهن به سطح تي نه آندي وئي.