اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي عالمي برادري ستل هئي، وزيراع??م عمران خان دنيا کي ڪشمير مسئلي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آهي، مودي جو فاشسزم پوري دنيا آڏو ظاهر ٿي ويو آهي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي جي حوالي سان صحيح رخ طرف گامزن آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته تمام جلد ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراع??م عمران خان عالمي فورمز تي موثر انداز سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي، دنيا اڳ ۾ ان مسئلي تي سمهي پئي هئي ۽ اها ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جو اندروني مسئلو سمجهندي ??هي هئي پر هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي. منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته وزيراع??م عمران خان گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پن??نج?? خطاب دوران دنيا کي ان مسئلي جي حساسيت بابت احساس ڏياريو جنهن کانپوءِ دنيا ۾ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٻ??ي وڃي ٿي، انساني حقن جون تنظيمون، پوري يورپي يونينز ۽ گڏيل قومن جا ٻيا ادارا به ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ڪري رهيا آهن.