اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته احساس ??يش ايمرجنسي پروگرام وزيراعظم عمران خان جي غريب، مزدور ۽ پورهيت طبقي سان محبت ۽ احساس جو اظهار آهي، اهو پروگرام محروم طبقن جي معاشي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، هلندڙ هفتي حقدارن کي اها رقم ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو، مستحقين حصيداري بئنڪن مان رقم وصول ڪري سگهندا ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي اضافي ڪائونٽرز جو انتظام پڻ ڪري رهيا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نئين پاڪستان جي ايجنڊا احساس ۽ عوام جي خدمت آهي، ??يش پروگرام تحت 144 ارب رپيا 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن ۾ ورهايا ويندا، مستحق خ??ندانن کي 12 هزار رپيا گڏ ادا ڪيا ويندا.