اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اهو چوندي انتهائي فخر مح??وس ٿئي ٿو ته پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن سال پاڪستان جو ڏهاڙو ملهائيندي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن اسان هن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رکيو آهي. وزيراعظم عمران خان 23 مارچ جي موقعي تي قوم ج?? نالي پنهنجي م??ارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي م??لمانن کي پنهنجي تهذيبي تشخص کي وڌائڻ، مذهبي آزادي ۽ ترقي جا برابر حق مليا جيڪي م??حده هندستان جي هندو اڪثريت انهن کان سلب ڪرڻ پئي چاهيا.