اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس تي سارڪ و??يو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ان ڳالهه ??و ثبوت آهي ته پاڪستان خطي جي عوام جي زندگي ۽ ان جي صحت بابت اهو ئي فڪر ۽ احساس رکي ٿ?? جيڪو پنهنجي شهرين جي حوالي سان ان کي آهي، سارڪ تنظيم خطي ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آه??. س??اجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سارڪ تنظيم خطي ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي، ان اداري جي حقيقي ڪردار جو ان کان بهتر وقت ٻيو نه ٿو ٿي سگهي.