جده-15 مئي (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بينڪ (آءِ ڊي بي) عالمي بحرانن کي منهن ڏيڻ جده ۾ پنهنجي سالياني اجلاس جي پڄاڻي تي 24 ميمبر ملڪن سان 5.4 ارب ريالن جي 77 معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. سعودي عرب جي نشرياتي اداري بينڪ جي چيئرمين محمد الجاسر جي مي??يا بريفنگ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته جٽادار ترقي جي ميدان ۾ 588 ملين ڊالرن کان ??ڌي?? جي 06 منصوبن جي مالي مدد لاءِ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. جنهن ۾ صحت، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، آمد ورفت، توانائي، ننڍي ۽ وچولي درجي جو جو ڪاروبار، تعليم ۽ انساني امداد سميت مختلف شعبن ک?? هٿي وٺرائڻ شامل آهي. الجاسر چيو ته اسلامي ترقياتي بينڪ لائيف اينڊ لولي هڊ فنڊ جو ٻيو مرحلو به شروع ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته بينڪ نرم قرضن جي مد ۾ 325 ملين ڊالر فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.