اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت ??مل??تي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته هواوي آءِ ٽي شعبي ۾ 3 لک نوجوانن ک?? تربيت فراهم ڪندو، 17 هزار کان وڌيڪ شاگردن ک?? تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. اهڙو اظهار هن آءِ ٽي وزارت ۽ هواوي جي سهڪار سان آءِ سي ٽي ٽريننگ پورٽل کي خطاب ڪندي ڪيو. ??مل??تي وزير چيو ته جديد دؤر ۾ آءِ ٽي تمام اهميت جي قابل آهي، حڪومت لکين شاگردن ک?? آءِ ٽي جا تربيتي ڪورسز ڪرايا. هن چيو ته هواوي 3 لک ٻارن ک?? سالياني تربيت ڏيندو، 17 هزار کان وڌيڪ شاگردن ک?? تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. شزه فاطمه چيو ته 5 هزار ٽرينرز مڪمل تربيت حاصل ڪري چڪا آهن، پاڪستان ۾ 15 ڪروڙ کان وڌيڪ نوجوان 30 سالن کان گهٽ عمر جا آهن. هن چيو ته معيشت جي مضبوطيءَ لاءِ تربيت حاصل ڪندڙ نوجوانن جي سخت ضرورت آهي.