اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا ميمبرن جي راءِ جي روشنيءَ ۾ رائيٽ ??ائ??نگ ڪميٽي جي مختلف وزارتن ۽ کاتن ۾ رائٽ ??ائ??نگ جي سف??رش?? جو جائزو وٺي وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته ڄاڻايل ڪميٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن ۾ رائٽ ??ائ??نگ لاءِ ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪُجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، وفاقي ڪابينا ۾ حڪومت جي رائٽ ??ائ??نگ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي واپار واري وزارت، هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن جي رائٽ سائيزنگ جي حوالي سان سف??رش??ن پيش ڪيون. ڪميٽي ڄاڻايل وزارتن جي ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪميٽي انهن وزارتن جي سيڪريٽريٽ ۾ عملي جون پوسٽون 30 سيڪڙو گهٽائڻ جي به تجويز ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن سف??رش?? جي منظوري کانپوءِ قومي خزاني کي 42.1 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. ڪابينا ميمبرن انهن تجويزن تي پنهنجي راءِ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪابينا جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ انهن وزارتن جي رائٽ ??ائ??نگ بابت سف??رش?? ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو وڃي ۽ رپورٽ ٻيهر وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪئي وڃي. وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي وفاقي ڪابينا کي پارا چنار جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ ان حوالي سان وفاقي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون گڏيل طور تي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پارا چنار مان مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي استعمال هيٺ هيلي ڪاپٽر مخصوص ڪيو ويو آ??ي. جڏهن ته پارا چنار جي سمورن اسپتالن ۾ ضروري دوائن جي د??تيابي کي يقيني بڻايو ويو آ??ي.