اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي لاءِ عالمي قدمن کي س??راهيندي پاڪستان پاران انهن قدمن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڊي 2024ع تي پنهنجي پيغام ۾و ??ير??عظم چيو ته اسان ڪنهن شهري جي سماجي ۽ اقتصادي حيثيت کان هٽي ڪري سڀني جي لاءِ صحت جي س??رسنڀال کي پهچ جوڳو بڻائڻ کي اخلاقي طور تي پنهنجو فرض سمجهن ٿا. هن چيو ته صحت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه اسان جي قومي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي تي ٺاهه هوندو، هي هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن کان مُنهن نٿو موڙي سگهجي. و??ير??عظم چيو ته هلندڙ سال يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڊي جو موضوع ”صحت: حڪومت جي ذميواري“ آهي، ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ ته ڪنهن شخص کي پنهنجي صحت جي س??رسنڀال ۽ بنيادي ضرورتن جهڙوڪ خوراڪ، رهائش يا تعليم مان ڪنهن هڪ جي چونڊ نه ڪرڻي پوي، حڪومت جي ذميواري آهي. و??ير??عظم چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪوم?? صحت سهولت پروگرام جهڙا قدم متعارف ڪرايا آهن، جنهن جي س??براهي قومي صحت واري وزارت ”صحت سڀني جي لاءِ“ جي عنوان سان ڪري رهي آهي. هي پروگرام جنهن کي عالمي س??ح تي ڊبليو ايڇ او جهڙين تنظيمن پاران ساراهيو پيو وڃي، معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن کي ترجيح ڏيندي لکين خاندانن کي مف?? صحت جي سهولت فراهم ڪري ٿو. و??ير??عظم چيو ته حڪوم?? صحت جي س??رسنڀال جي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ ڳوٺاڻي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ خصوصي طور تي انتهائي ضروري زندگي بچائيندڙ دوائن تائين پهچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان 2030ع تائين پائيدار ترقي جي هدفن ۾ و??ضح ڪيل صحت بابت هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن سان اهڙو فريم ورڪ تيار ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رکنداسين جيڪي صحت کي بطور بنيادي انساني حق ترجيح ڏين ٿا.