اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ??يو آهي ته معاشي سڌارن جو تسلسل جاري رهندو، اهم معاشي اهڃاڻ هاڪاري آهن، خسارن تي ضابطو آندو ويو آهي، ح??وم?? ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي آڻڻ ۾ قدم کڻي رهي آهي. گذريل ڏينهن هتي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي انتظام هيٺ اي ايس جي سسٽين پاڪستان جي پهرين پائيداريت تي ٻڌل آن لائن پليٽ فارم جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ڊيٽا شيئرنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ??يو ته ڊجيٽل چئلينجز ۽ موقعا ئي مستقبل جو رستو آهن جيڪي شفافيت ۽ جوابدهي جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اي ايس جي پليٽ فارم جو مقصد ڪمپنين ۽ ادارن ک?? پنهنجي ڪاميابي جي ڪهاڻين ۽ بهترين طرز عمل شيئر ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. هي قدم هڪ اهڙو برابر ميدان فراهم ڪندو جتي سمورا ادارا چاهي انهن جو ڳاڻيٽو ڪجهه به هجي، پنهنجي ڪاميابين کي اجاگر ڪري سگهندا ۽ هڪٻئي کان سکي سگهندا. ناڻي واري وزير ??يو ته ح??وم?? معاشي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، اهم معاشي اهڃاڻ هاڪاري آهن، خسارن تي ضابطو آندو ويو آهي، مٽاسٽا واري ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان صنعتن کي فائدو پهچي رهيو آهي. هن ??يو ته معاشي استحڪام کانپوءِ اوسر جي سفر ۾ تيزي آڻڻ لاءِ جيڪي به ادارا اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن انهن جا ٿورائتا آهيون. هن ??يو ته ڪاپ -29 جي موقعي تي پاڪستان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ مالياتي حڪمت عملي جي شروعات ڪئي آهي. ماحوليات، موسمياتي تبديلين جو اهم حصو آهي، جامع اقتصادي شموليت ۽ اوسر ۾ ان جي اهميت مڃيل آهي. هن ملڪ جي ٻن اهم ترين مسئلن جن ۾ آبادي ۾ اضافي ۽ ماحولياتي تبديليون شامل آهن، جي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. ناڻي واري وزير ??يو ته معاشري جي سمورن طبقن کي اقتصادي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ضروري آهي، پ??ڪستان جي معيشت ۾ هر هڪ ک?? پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. صنفي برابري قومي اقتصادي منظرنامي ۾ اهميت جوڳي آهي. افرادي قوت ۾ عورتن جي شموليت ۾ اضافي لاءِ قدم ضروري آهن. ح??وم?? ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ نجي شعبي کي به پنهنجو هاڪاري ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن ??يو ته معاشي ترقي ۽ اوسر ۾ نجي شعبي جو ڪردار اهميت وارو آهي. ح??وم?? پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائيندي، تنهن هوندي به ترقي جي انجڻ جو ڪردار نجي شعبي کي ادا ڪرڻو آهي. ح??وم?? ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن ??يو ته معاشي سڌارن جو تسلسل جاري رهندو. سرڪاري ملڪيتي ادارن جو روزاني جو خسارو 2.2 ارب روپيا آهي، گذريل 10 سالن ۾ ايس او ايز جو خسارو 6 ٽريلين روپيا رهيو آهي. ح??وم?? نجڪاري جي پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي ۽ ان عمل کي شفافيت سان اڳتي وڌايو پيو وڃي.