لاهور- 09 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جامعه اشرافيه ۾ وفاق المدارس جي سرپرست اعليٰ مول??نا فضل اشرفي ۽ ٻين عالمن سان ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ان موقعي تي مول??نا فضل رحيم اشرفي جي خيريت دريافت ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير ملاقات ۾ ديني مدرسن جي معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، مدرسن جي معاملن تي اسان پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته پنجاب ۾ به وفاق جي طرز تي مدرسا تعليم کاتي جي ماتحت هجڻ گهرجن. وفاقي گهرو وزير مدرسن جي حوالي سان هاڪاري ڪردار ادا ڪ??ڻ جي خاطري تي مول??نا فضل رحيم جو ٿورو مڃيو. مول??نا فضل رحيم اشرفي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪ??ي.