اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن ??ار?? وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته 2022ع کان معيشت جي ??حا??ي جون ڪوششون جاري آهن، اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، ر??ان??ي واپار ۾ بهتري اچي رهي آهي، مهانگائي گهٽجي 7سيڪڙو رهجي وئي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ 97 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري چڪي آهي، معيشت کي وڌيڪ مضبوط ??رڻ لاءِ سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ ر??ان??ي واپار تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻي پوندي.اهڙو اظهار هن رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن ??ار?? وزارت جي انتظام هيٺ قومي پيدا??ار??ت، معيار ۽ جدت سمٽ 2024ع کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ڪيو. ٻن ڏينهن ??ار?? هي سمٽ پيدا??ار??ت، معيار ۽ جدت جي ذريعي ترقي جي موقعن جي عنوان سان منعقد ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي پائيدار اقتصادي ترقي ۽ عالمي سطح تي چٽاڀيٽي ??ار?? ماحول بڻائڻ لاءِ پيدا??ار??ت، معيار ۽ نواڻ کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ محدود وسيلن باوجود ڪيتريون ئي منزلون پار ڪيون آهن. اسان ستين ايٽمي طاقت آهيون ۽ جديد جهاز به تيار ڪري رهيا آهيون، پر ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ پوئتي رهجي ويا آهيون.احسن اقبال ياد ڏياريو ته 1980ع ۾ پاڪستان جي في ڪس آمدني چين کان وڌيڪ هئي، پر اڄ بنگلاديش ۽ ڀارت اسان کي اقتصادي ترقي ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته هي فيصلو ڪرڻ جو وقت آهي ته اسان ايندڙ 30 سالن ۾ هڪ ڪامياب قوم طور سامهون اينداسين يا نه، هن 2013ع ۾ شروع ڪيل ويزن 2025ع جو ذڪر ڪندي چيو ته ان منصوبي تحت ملڪ کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏياريو ويو ۽ دنيا پاڪستان کي مستقبل جي هڪ وڏي معيشت طور تسليم ڪيو، تنهن هوندي به 2018ع جي حڪومت ترقياتي منصوبن خاص ڪري سي پيڪ کي نقصان پهچايو جنهن سان معيشت جي رفتار سست ٿي وئي. هن چيو ته 2022ع ۾ معيشت جي ??حا??ي جون ڪوششون جاري آهن، اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، ر??ان??ي واپار ۾ بهتري اچي رهي آهي، مهانگائي گهٽجي 7 سيڪڙو رهجي وئي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ 97 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري چڪي آهي، معيشت کي مضبوط ??رڻ لاءِ اسان کي سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ ر??ان??ي واپار تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته پيدا??ار??ت، معيار ۽ نواڻ کي اختيار ڪرڻ سان ر??ان??ي واپار کي 30 ارب ڊالرن کان وڌائي 100 ارب ڊالرن تائين وڌائي سگهجي ٿو. احسن اقبال اعلان ڪيو ته وزيراعظم جلد ئي فائيو ايز فريم ورڪ متعارف ڪرائيندو، جيڪو سمورن شعبن ۾ ترقياتي اصولن کي هٿي ڏيندو. پاڪستان هڪ منفرد طاقتور ملڪ آهي، اسان کي پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيارڻو پوندو ۽ عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ بڻائڻي پوندي. رٿابندي ??ار?? سيڪريٽري اويس منظور سمرا چيو ته پيدا??ار??ت رڳو محنت جو نالو ناهي پر هوشياري سان ڪم ڪرڻ جو نالو آهي، اسان کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڄ جو سيمينار حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته اسان معيشت کي ترقي جي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ تيار آهيون. هي سمٽ ماهرن، صنعتڪارن ۽ پاليسي سازن لاءِ هڪ اهڙو پليٽ فارم ثابت ٿيو جتي هن نظرين جي مٽاسٽا ذريعي پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.