ڪراچي- 20 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽ?? زرداري خيبرپختونخوا ??ي ضلعي بنون ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي حملي جي نتيجي ۾ 12 جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ??يو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽ?? زرداري چيو ته دهشتگردن سان وڙهندي شهادت جو درجو حاصل ڪندڙ جوان بهادر سپوت هئا. هن چيو ته پ پ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي جدوجهد ۾ هٿياربند فوج سان گڏ آهي. بلاول ڀٽ?? زرداري چيو ته شه??دن لاءِ بلند درجن جي دُعا ڪريان ٿو ۽ سندس وارثن جي غم ۾ برابر جو شر??ڪ آهيان.