اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) چيف ج??ٽس پاڪستان/چيئرمين نيشنل جوڊيشل آٽوميش?? ڪميٽي ج??ٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ آن لائن اجلاس ٿيو. لا اينڊ ج??ٽس ڪميشن آف پاڪستان جي جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ 2 نومبر تي لاهور ۾ جي??ن جي سڌارن جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف ج??ٽس عاليه نيلم، ج??ٽس شمس محمود مرزا سان پنجاب جي جي??ن جي انتظامي جج/مانيٽرنگ جج، اڳوڻي جج ج??ٽس شبر رضا رضوي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي نمائندگي ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ، سيڪريٽري هوم اينڊ پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ، پنجاب، انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس ۽ جيل کاتي پنجاب، آئيني ۽ انساني حقن جي وڪيل آمنه قادر، سينيٽر احد خان چيما ۽ خديجه شاهه به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چيف ج??ٽس يحيٰ آفريدي، آمنه قادر کي جي??ن جي سڌارن بابت ڪميٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر نامزد ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته هوءَ احد خان چيما ۽ خديجه شاهه سا?? ڪميٽي جي ٽي او آرز موجب جي??ن جو دؤرو ڪري. پنجاب جي جيلن ۾ فوجداري نظام انصاف جي ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان هڪ جامع رپورٽ تيار ڪئي و??ي. ??ن زور ڀريو ته سمورين ڌُريون خاص طور تي لاهور هاءِ ڪورٽ، لا اينڊ ج??ٽس ڪميشن آف پاڪستان، پوليس ۽ جيل کاتي جي ذيلي ڪميٽي کي سهولتون فراهم ڪندي. هن لاڳاپيل ادارن کي به چيو ته هو فوجداري انصاف واري نظام ۾ بهتري جي حوالي سان پنهنجون سفارشون پيش ڪن. چيف ج??ٽس هدايت ڪئي ته رپورٽ مڪمل هئڻ کانپوءِ ڄاڻايل رپورٽ ج??ٽس شبر رضا رضوي سان شيئر ڪئي وڃي جنهن کي ڪميٽيءَ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. چيف ج??ٽس لا اينڊ ج??ٽس ڪميشن آف پاڪستان کي ذيلي ڪميٽي جي ميمبرن کي مڪمل لاجسٽڪ سپورٽ فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.