اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ ايف سي جي قافلي تي خارجي دهشتگردن ??ي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ جي لاءِ ايف سي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جون عظيم قربانيون آهن، پنهنجي جان جي پرواهه ??رڻ کانس??اء?? ملڪ مان فتنه الخوارج جي لعنت جي خاتمي لاءِ مصروف عمل سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ??ي قربانين کي ڪڏهن به وس??ري نٿي سگهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا پڻ ڪئي.