اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اين ڊي ايم آر ايف جي شراڪتداري پاڪستان کي ڪهڙي به طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ڪندي، 2022ع جي فلڊ ريسپانس ڪ??يٽيءَ جي سربراهي ڪرڻ کانپوءِ ??سا?? جي اندر موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت آهي، قدرتي آفتن جي اڳيان بند نٿا ٻَڌي سگهون پر انهن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ درجي تي رکي سگهجي ٿو. پاڪستان ڪاربن جي عالمي نيڪال ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وِجهي رهيو آهي، اڄ دنيا پاڪستان کي سيڙپڪاريءَ لاءِ محفوظ ملڪ طور ڏسي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اين ڊي ايم آر ايف جي شراڪتداري پاڪستان کي ڪهڙي به طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ڪندي. پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. پاڪستان ڪاربن جي عالمي نيڪال ۾ صرف هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وِجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪجهه ترقي يافته ملڪن جي غير محتاط رويي جو نشانو بڻيل آهي، ٻه سال اڳ پاڪستان ب??ترين ٻوڏ کي مُنهن ڏنو جنهن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر جي نقصان جي صورت ۾ ٿيو. 2022ع ۾ عالمي ادارن ۽ ملڪن طرفان ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ لاءِ ڏنل رقم جو مجموعي طور تي 5 کان 7 سيڪڙو گرانٽس جڏهن ته باقي رقم قرض جي مد ۾ ڏني وئي، جيڪو پئسو امدادي قرض جي صورت ۾ مليو اهو پاڪستان کي واپس به ڪرڻو آهي. احسن اقبال چيو ته 2022ع جي فلڊ ريسپانس ڪ??يٽي جي سربراهي ڪرڻ کانپوءِ مان انتهائي ذميواريءَ سان چوان ٿو ته ??سا?? جي اندر موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت موجود آهي. 2022ع ۾ عالمي ماهرن طرفان چيو ويو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي وبائي مرض اُڀرندا، صوبائي حڪ??متن ۽ عالمي ادارن جي مدد سان اثرائتي حڪ??ت عملي جي نتيجي ۾ پاڪستان وڏي تباهيءَ کان بچي ويو. هن چيو ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا. 2022ع جي ٻوڏ 3 ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ هئي، تنهن هوندي به هڪ هزار فوتگيون ٿيون، جيڪڏهن ??سا?? اثرائتي حڪ??ت عملي اختيار نه ڪريون ها ته 6 هزار ماڻهو فوت ٿي سگهن پيا. هن چيو ته قدرتي آفتن اڳيان بند نٿا ٻَڌي سگهون پر ان جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ درجي تي رکي سگهجي ٿو. 77 سالن کان ??سا?? هڪ دائري ۾ ڦري رهيا آهيون، جڏهن ??سا?? 60 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ حبيب بئنڪ بلڊنگ بڻائي ته ڏکڻ ايشيا ۾ واويلا مچي وئي، اڄ هڪ سوال هر پاڪستانيءَ جي دل ۾ آهي ته ??سا?? ڇو ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن کان پوئتي آهيون، جيڪي ملڪ چار شيون امن، استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ مسلسل سڌارا اختيار ڪندا آهن اهي ئي ترقيءَ جي ڊوڙ جي اهل هوندا آهن. هن چيو ته اپريل 2022ع تائين حڪ??ران پارٽيءَ هر اليڪشن هارائي هئي، هر ايم اين اي ??سا?? جي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ چاهي پيو، 4 مهينن جي اليڪشن مهم هلايون ها ته ملڪ ڊفالٽ ڪري وڃي ها. هن چيو ته اڄ دنيا پاڪستان کي سيڙپڪاريءَ لاءِ محفوظ ملڪ طور ڏسي رهي آهي، هوائن جو رُخ بدلجي رهيو آهي، انهن هوائن جو فائدو وٺي ??سا?? پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃي سگهون ٿا.