اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪو??ٽ جي جسٽس يحييٰ آفريدي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر ۾ حلف برداري جي تقريب ٿي. تقريب ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف، سروسز چيفس، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، گورنرز، وڏن وز??رن، وز??رن، سپريم ڪو??ٽ ۽ هاءِ ڪو??ٽس جي ججز، اڳوڻن چيف جسٽسز، لاء آفيسرن، وڪيل تنظيمن جي عهديدارن، وڪيلن ۽ ميڊيا نمائندن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته جسٽس يحييٰ آفريدي کي هڪ خصوصي پارلياماني ڪميٽي آئين جي نئين منظور ٿي?? 26هين ترميم تحت سپريم ڪو??ٽ جي ٽن سينئر ترين ججن مان ايندڙ چيف جسٽس جي طور تي نامزد ڪيو هو ۽ ان حوالي سان هڪ سمري وز??راعظم صدر ڏانهن موڪلي هئي. بعد ۾ جسٽس يحييٰ آفريدي جي بطور 30هين چيف جسٽس مقرري جي منظوري ڏني وئي.