اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 21 کان 26 آڪٽوبر تائين ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائ?? وزيراعظم دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ اهم عالمي مسئلن ۽ چئلينجز تي پاڪستان جو موق?? پيش ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي، اقتصادي ترقي ۽ دولت مشترڪه جي برادري ۾ عالمي تعاون کي مضبوط بڻا??ڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. محمد اسحاق ڊار جو ڪامن ويلٿ بزنس فورم ۾ ”ٽرانسفارمنگ اوور ورڪ فورس“ ۾ پنهنجي اهم خطاب ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، هنر جي ترقي ۽ ڊيجيٽل تبديلي تي پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪندو. نائ?? وزيراعظم دولت مشترڪه جي ٻ??ن ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو. بيان موجب دولت مشترڪه جي 2024ع جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستان شرڪت دولت مشترڪه سان ان جي مسلسل ڳانڍاپي ۽ ننڍي پيسفڪ جزيرن جي ملڪن سان انهن جي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.