بيجنگ- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته وزيراعظم لي ڪيانگ پنهنجي پاڪستا??ي هم منصب شهباز شريف جي دعوت تي 14 کان 17 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ گذري?? ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت ٿي لي ڪيانگ اسلام آباد جو دورو ڪندو، ان دوران شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.