اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمبر، سنڌ جو صوبائي وز??ر شرجيل انعام ميمڻ شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحا?? ڊار ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ اهم قومي ۽ سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ گذريل ڏينهن آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري جي ڪردار کي ساراهيو ويو. ملاقات ۾ فلسطينين جي پاڪستان پاران امداد جي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ جي حوالي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ فلسطينين جي امداد جي لاءِ گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي شموليت کي ساراهيندي ان کي خ??ش آئنده قرار ڏنو ويو، پوري پاڪستاني قوم اسرائيل?? ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي مدد جي لاءِ متحد آهي.