راولپنڊي – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سي??يو??ٽي فورسز جي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ ٿيل آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق 25/26 سيپٽمبر جي رات جو سي??يو??ٽي فورسز دهشتگردن جي موجود??ي جي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي زرمڪ ۾ انٽيلي جنس بنياد تي ٻڌل آپريشن ڪيو. جنهن دوران سي??يو??ٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ 8 خوارج جهنم واصل ٿيا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوله بارود به هٿ آيو آهي، اهي دهشتگرد سي??يو??ٽي فورسز خلاف دهشتگر??ي جي ڪارروائين سان گڏو گڏ معصوم شهرين جي ٽارڪٽ ڪلنگ ۾ به سرگرم رهيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن اتي ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سي??يو??ٽي فورسز ملڪ مان دهشتگر??ي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.