اسل??م آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سياحت کي هٿي ڏي?? ملڪي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري آهي، سياحت ??ي ترقي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي، پاڪستان جو قدرتي حسن ۽ ثقا??تي ورثو سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سياحت کي هٿي ڏي?? ملڪي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري آهي. پاڪستان ۾ موجود سياحت جا تمام گهڻا موقعا معيشت ۽ ثقا??تي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سياحت معيشت جي مضبوطي ۽ مختلف ثقافتن ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جو تاريخي، ثقا??تي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي دنيا جي سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائي سگهي ٿو. سياحت ??ي ترقي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي. پاڪستان مذهبي ۽ ثقا??تي سياحت جي لحاظ کان هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف مذهبن کي مڃيندڙن کي انهن ??ي تاريخي ۽ مذهبي هنڌن تائين بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. حڪومت سياحت ذريعي سماجي ۽ ثقا??تي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ خطي جي گڏيل ورثي ??ي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جو قدرتي حسن ۽ ثقا??تي ورثو سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي، سياحت کي هٿي ڏيڻ سان روزگار جي موقعن ۽ مقامي آبادي جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو.