اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان لبنان ۾ اليڪٽرانڪ اوزارن سان ڌماڪن وسيلي ٿيندڙ حملن جي سخت مذمت ??ند?? چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪن ۾ دهشتگردي جي لاءِ سائبر ۽ اليڪٽرانڪ ذريعن جو استعمال مذمت جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پ??ڪس??ان هلندڙ هفتي لبنان ۾ اليڪٽرانڪ اوزارن جي ڌماڪن ذريعي ڪيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. ت??جم??ن چيو ته ٻاهرئين ملڪن ۾ دهشتگردي جي لاءِ سائبر ۽ اليڪٽرانڪ ذريعن جو استعمال مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته دهشتگرد حملا خطي ۾ اسرائيل جي خطرناڪ مهم جوئي جو مظهر آهن جنهن سان امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي. ت??جم??ن چيو ته پ??ڪس??ان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو اسرائيل کي ان جي عالمي دهشتگردي جي ڪاررواين ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي جي لاءِ جوابده بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. هن چيو ته پ??ڪس??ان هن سال 19 جولاءِ تي پيش ڪيل آءِ سي جي جي مشاورتي راءِ تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ۽ آءِ سي جي جي مشاورتي راءِ کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد جي آجيان ڪئي. هن غزه ۾ هڪ اسڪول ۽ پناهگيرن جي پناهگاهه تي اسرائيلي فضائي حملن جي مذمت ??ند?? چيو ته پناهگير ڪئمپن سميت هدفن تي اهڙي طرح جا حملا آءِ سي جي جي عارضي قدمن جي روح جي پڻ خلاف ورزي ڪن ٿا جن ۾ غزه جي ماڻهن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري خدمتن ۽ انساني امداد جي فراهمي پڻ زور ڏنو ويو هو.