اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ??سپ??ڪر سردار اياز صادق آءِ جي اسلام آباد کي قانوني طريقيڪار موجب گرفتار قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سمورن گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. گذريل ڏينهن جي واقعي جي مڪمل جاچ عمل ۾ آندي ويندي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ڪالهه پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان پنهنج?? چيمبر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پارليامينٽ جي ميمبرن قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پارليامينٽ مان گرفتارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ??سپ??ڪر کي گذارش ڪئي ته ان واقعي تي سخت ايڪشن ورتو وڃي. ??سپ??ڪر ان معاملي کي سمورين پارٽين سان گڏجي حل ڪرڻ جي عزم جو اظ??ار ڪيو. ان موقعي تي سمورين پارٽين اهڙن معاملن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع ضابطه ڪار بنائڻ تي به اتفاق ڪيو. ??سپ??ڪر جو چوڻ هو ته ڪالهوڪو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، پارليامينٽ جا سمورا ميمبر منهنجي لاءِ انتهائي احترام جي قابل آهن، پارليامينٽ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري جا اطلاع انتهائي ڳڻتيءَ وارا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ مان گرفتارين جي حوالي سان فوري ۽ مڪمل جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ??سپ??ڪر آءِ جي اسلام آباد کي پنهنج?? چيمبر ۾ طلب ڪري واقعي بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي ۽ آءِ جي کي هدايت ڪئي ته قانوني طريقيڪار موجب سمورن گرفتار ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ??سپ??ڪر سان ملاقات ڪندڙن ۾ اعظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، طارق فضل چوڌري، نور عالم خان، شاندانه گلزار، خالد حسين مگسي، مذهبي معاملن وارو وزير ??وڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، امجد علي خان، شاهده اختر علي، علي محمد خان، سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه صاحبزاده حامد رضا ۽ ٻيا شامل هئا.