پشاور-04 ??يپ??مبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا ??ي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبائي حڪومت ناڪام ٿ?? چڪي آهي، عوام کي خيبر پختونخوا ڪابينا ۾ تبديلي جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جي يونيورسٽين ۾ و??ئيس چانسلرز ناهن، صوبائي حڪومت کي درخواست آهي ته نوجوانن جي مستقبل سان نه کيڏي ۽ يونيورسٽين ۾ و??ئيس چانسلرز اچڻ ڏيو، هن چيو ته صوبي ۾ 26 يونيورسٽين ۾ و??ئيس چانسلرز ناهن. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس چار ڀيرا معطل ٿ?? چڪوآهي، وڏو وزير اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت کان پاسو ڪري رهيو آهي، ان صورتحال مان لڳي رهيو آهي ته هو اسيمبلي جو اعتماد وڃائ?? چڪو آهي، ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت حاصل ناهي رهي، ان لاءِ بهتر آهي ته وڏو وزير صوبائي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر تصديق ڪئي ته ڪابينا ۾ ردوبدل جي حوالي سان سمري کيس ملي آهي پر سمري تي صحيح ڪرڻ ۾ ڪا جلدي ناهي ۽ نه ئي هن ان تي قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي آهي.