اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي يونين جي آزادي مذهب ۽ عقيدا بابت خصوصي ايلچي فرانس وين ڊيل وفد سان گڏ ??لا??ات ڪئي، ??لا??ات ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي، امن قائم ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين يورپي يونين جي خصوصي ايلچي کي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ??لا??ات ۾ ٻنهي ڌرين عدم برداشت جي رجحان ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پرامن گڏ??ل مستقبل کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرع??م آهي، بين المذاهب هم آهنگي پاليسي جوڙي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪلي آهي، مذهبي رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن مذهبن ۽ مسلڪن کان 700 کان وڌيڪ ??الم پيغام پاڪستان تي صحيحون ڪيون، مذهب جي آڙ ۾ ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي، ??لا??ات ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ يورپي يونين ملڪن وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، وفد ۾ يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونا به شامل هئي.