اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يران ۾ بس حادثي ?? پاڪستاني زائرين جي شهادت تي انهن گهرڀاتي?? سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني زائرين ايران جي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايت تي زاهدان ?? پاڪستان جي قونصلر کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته هو زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ مقامي عملدار?? سان به رابطو ڪندو ۽ ميتن کي پاڪستان واپس پهچائڻ جو انتظام ڪندو. فوت ٿيندڙن مان ??ڪثر سنڌ صوبي جا رهواسي آهن. بيان موجب پرڏيهي وزارت انهن ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ميتن جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تهران ?? پاڪستان ??و سفير ۽ زاهدان ??و قونصلر تهران ۽ زاهدان ۾ ايراني عملدار?? سان رابطي ۾ آهن ته جيئن ميتن کي ??ڍڻ ۽ وطن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخمين جي علاج ۾ سهولت فراهم ڪئي وڃي.