ڪوئيٽا- 20 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي، ق??عو عبدا??له ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڦاٿل ڪٽنب کي بچائڻ واري ايڪسويٽر ڊرائيور کي نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن بلوچستان ريڊڪريسنٽ، بلوچستان چيپٽر جي چيئرمين ولي خان اچڪزئي ۽ وائس چيئرمين موسيٰ جان اچڪزئي، بلوچستان جي وڏي وزير کي درخواست ڪئي ته ق??عو عبدا??له ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڪٽنب کي بچائڻ واري ايڪسويٽر ڊرائيور محب ا??له کي نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي جنهن تي هن محب ا??له کي بهادري ۽ م??ار?? سان ڪٽنب کي بچائڻ تي هن لاءِ پي ڊي ايم اي ۾ ملازمت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.