اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو آهي ته ??اڪستان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ نوجوا??ن کي اڳتي وڌڻ لاءِ موقعا، وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي قيادت ۾ هي پروگرام نوجوا??ن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ نمايان قدم کڻي رهيو آهي، نوجوا??ن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ملڪ جي خوشحال مستقبل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، دولت مشترڪه ينگ انٽر پرينيوئرز ۽ انوويٽرز کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آ??ي. اهڙو اظهار هن ينگ انٽر پرينيورز ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??اڪستان ۾ گرمجوشي سان استقبال ۽ ميزباني تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهيان. مون پاڪستاني لباس پاتو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته آئون به پاڪستاني آهيان. هن چيو ته ??وجوا??ن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان حڪومت جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. پاڪستان طرفان دولت مشترڪه جي چارٽر موجب نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. نوجوا??ن کي روزگار ۽ ڪاروبار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جون ڪوششن ان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 60 سيڪڙو نوجوان 30 سالن کان ن??ڍي عمر جا آهن جڏهن ته ??اڪستان ۾ 65 سيڪڙو نوجوانن جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي. پاڪستان انهن ن??جوا??ن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏئي ۽ هنرمند بڻائي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿو ۽ هي نوجوان دنيا جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ??اڪستاني نوجوانن جي روشن مستقبل لاءِ پُراميد آهيان ۽ انهن جي ڪاميابي لاءِ هر ممڪن تعاون ۽ حصيداري لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته انهن ن??جوانن جو حوصلو ۽ عزم قومي ترقي لاءِ اهم آ??ي. هن چيو ته دولت مشترڪه انهن ن??جوانن جي ملڪي معاشي ترقي ۾ ڪردار جو اعتراف ڪري ٿي. اهي نوجوان تبديلي جو اهم حصو آهن، ملڪ جو مسقبل انهن جي هٿن ۾ آهي. هن چيو ته ??وجوا??ن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ملڪ جي خوشحال مستقبل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دولت مشترڪه ينگ انٽر پرينيوئرز ۽ انوويٽرز کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آ??ي. هن چيو ته ??ي ايوارڊ حاصل ڪندڙ مستقبل ۾ به ڪاميابيون حاصل ڪندا، کين تيزي سان بدلجندڙ دنيا جي ڏس ۾ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مصنوعي ذهانت جي اربين ڊالرن جي مارڪيٽ آهي جنهن مان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته ??اڪستان تيزي سان ترقي ڪندو ۽ دولت مشترڪه ان ۾ پاڪستان کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ته دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪريون ٿا. سندس پاڪستان جي دوري سان دولت مشترڪه سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته دولت مشترڪه جي وفد سان ملاقات دوران سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف نوجوا??ن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، چئلينجن باوجود ملڪ کي درست رخ ۾ گامزن ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ڊاڪيومينٽري به پيش ڪئي وئي.