اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اي سي او ??ي سيڪريٽري جنرل خسر?? نوزيري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اي سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي اي سي او جي قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ پنهنجي دور ۾ اي سي او کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهن??ي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم تنظيم جي لاء?? سيڪريٽري جنرل ج?? خدمتن کي ساراهيو. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن ۽ اي سي او ??ي سڌاراجاتي ايجنڊا جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي آگسٽ ۾ اي سي او ??ي سيڪريٽري جنرل ج?? عهدو سنڀالڻ جو ذڪر ڪندي ??ائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر اسد مجيد خان پنهنجي ٽن سالن جي دور ۾ خسر?? نوزيري ??ي سٺي ڪم کي جاري رکندو.