اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ م??شيات جي ??اتمي واري وفاقي وزير محسن ??قوي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ايڊمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گورناتني ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد پاڪستاني شهرين جي ??زادي جي ??والي سان ڳ??له?? ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي 7 ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سريلنڪا ۾ پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي لاءِ ٻنهي طرفن کان جلد ڪارروائي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر پاڪستاني قيدين جي ??زادي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي ??اطري ڪرائي. وفاقي وزير محسن ??قوي قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن ??قوي چيو ته سريلنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ سمورن قدمن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. ملاقات ۾ منشيات جي ??اتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي معاملن تي پڻ ڳ??له?? ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ تيزي سان قدم کڻڻ جي ??رورت آهي. وفاقي وزير ان ڳ??له?? تي زور ڀريو ته منشيات جي ??اتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي ??والي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ وقت جي ??هم گهرج آهي. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر چيو ته سريلنڪا پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو.اي پي پي/ز – ج/ر – م 17:57