اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چي?? آهي ته پارليامينٽ ۽ عوام ۾ ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿيندي، ينگ سٽيزن انٽ??ن شپ پروگرام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي ملندي. ينگ سٽيزن انٽ??ن شپ پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چي?? ته پروگرام ۾ شامل سمور?? ٻارن کي پارليامينٽ ۾ آجيان ڪريان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ٻارن جي انٽ??ن شپ ??و بنياد 2014ع ۾ رکيو ويو، ٻارن جو انٽ??ن شپ پروگرام منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻنداسين. هن چي?? ته خوشي آهي ته ان پروگرام ۾ ملڪ جي سمورن علائقن ۽ طبقن جي نمائندگي آهي، پارليامينٽ 25 ڪروڙ عوام جي دانش گاهه آهي. هن چي?? ته ينگ سٽيزن شپ پرگرام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي حاصل ٿيندي، پارليامينٽ ۽ عوام جي ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، اهو اطمينان آهي ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن چي?? ته ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪريون. ه?? ٻارن کي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڀريو.