اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله زايد النهيان ۽ دبئي جي ولي عهد شيخ حمدان بن راشد المڪتوم کي نائب وزيراعظم مق??ر ٿيڻ تي کين مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله زايد النهيان کي نائب وزيراعظم مق??ر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. جڏهن ته وزيراعظم دبئي جي ولي عهد شيخ حمدان بن راشد المڪتوم کي امارات جو نائب وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير مق??ر ٿيڻ تي پڻ دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم انهن مقررين تي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي اڳواڻن جي نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ ن??ڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.