اسلام آباد-11 مئي(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت، غ??ائ?? تحفظ،انفارميشن ٽيڪ??ال??جي،سياحت ۽ کاڻيون کوٽڻ سميت ٻين شعبن ۾ بي پناه ڪارڪردگي موجود آهي، وزير اعظم آفيس ميڊ??ا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب وزير اعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنز جين ميريٽ ملاقا?? ڪئي. ملاقات ۾ اڪنامڪس اينڊ ايويليو ايشن ڊائريڪٽوريٽ ،فارن ڪامن ويلٿ اينڊ ڊويلپمنٽ آفيس لنڊن جي چيف اڪانومسٽ ۽ ڊائريڪٽر پروفيسر عدنان خان پڻ موجود هو.ان موقعي تي ٻه طرفا لڳاپن تي ڳالهيون ڪيو ويون،ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ برطان??ا وچ ۾ پراڻا لڳاپا آهن، جيڪي وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ زراعت، غ??ائ?? تحفظ، انفارميشن ٽيڪ??ال??جي ،سياحت، کاڻيون کوٽڻ سميت ٻين شعبن ۾ بي پناه ڪارڪرگي موجود آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان حڪومتي گورننس جي ڍانچي ۽ اداره جاتي سڌارن طرف گامزن آهيون، جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي ڊيجيٽلائيزيشن حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ ميڪرو ۽ مائيڪرو اڪنامڪ سطح تي قدم کنيا پ??ا وڃن. ان موقعي تي برطانوي وفد پاڪستان جي حڪومت پاران ايجوڪيشن ايمرجنسي جي قدمن جي تعريف ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ موجد هئا.