اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران مسلم ڪانفرنس ??مو?? ۽ ڪش??ير جي بٽ ۽ سمجهي ڌڙن تي پابندي هڻڻ ۽ جماعت اسلامي ??مو?? ۽ ڪش??ير تي موجوده پابندي کي وڌيڪ 5 سالن تائين وڌائڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان فيصلي کا??پو??ِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ??مو?? ۽ ڪش??ير ۾ 8 ڪش??يري سياسي پارٽين کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته انهن سياسي پارٽين جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ ??رپيش آهي. ترجمان چيو ته اهي جابراڻا قدم عالمي انساني حقن ۽ انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪش??ير ۾ اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادي جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت ڪالعدم ڪش??يري پارٽين تان پابنديون فوري هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ??مو?? ۽ ڪش??ير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي فوري عملدرآمد ڪيو وڃي.