اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) ترڪه جي صدر رجب طيب اردوان شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچاري جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم ??و اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ??زيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان جو وزيراعظم چوندجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم اخوت ۽ ڀائيچاري جي ان احسن قدم تي صدر اردوان جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي وچ ۾ پائيدار ٻنڌڻ ۽ مضبوط مذهبي ۽ ثقافتي رابطا پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط رشتي جو بنياد آهن. وزيراعظم شهباز شريف اهو به چيو ته پاڪستان ??يجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ ترڪي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ج?? ايندڙ اجلاس ۾ صدر اردوان جي آجيان ڪرڻ جو منتظر آهي. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود دوستي جي مضبوط رشتن کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچاري جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي ??اء?? هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم ??و اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فلسطين مسئلي جي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل ج?? ??اء?? پنهنجي عزم ??و ورجاءُ ڪيو.