اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نش??يات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ صوبن جي لاءِ 25 ارب رپيا ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپين جو پراجيڪٽ منظور ڪيو آه??. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏي??دي هن چيو ته پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جيڪو تعليم واري وزارت جي ماتحت ادارو آه??، ملڪ ۾ هر 5 سالن کانپوءِ سروي ڪرائي ٿو ته ڪيترا ٻار اسڪول کان ٻاهر آه??، گذريل سروي 17 – 2016ع ۾ ٿي هئي. ان کانپوءِ 22 – 2021ع ۾ سروي ڪئي جنهن ۾ رڳو اسلام آباد جا انگ اکر سامهون رکندي 81 هزار ٻارن مان 71 هزار ٻار واپس اسڪ??لن ۾ اچي ويا هئا جنهن جو تناسب 86 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چيو ته صوبن کي ان حوالي سان فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن ڏانهن واپس هليو ويو آه?? ۽ هاڻي اها انهن جي ذميواري آه?? ته اهي اسڪ??لن مان جيترا ٻار ٻاهر آه?? انهن کي واپس آڻين. هن چيو ته وفاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي تحت 25 ارب رپيا رکيا آه?? ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آه??.