اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سوشل ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته بيلٽ پيپرز ماضي وانگر اردو الفابيٽ جي ترتيب سا?? پرنٽ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن مان جاري بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ هڪ وڊيو گمراهه ڪندڙ آهي. واضح رهي ته هميشه اميدوا??ن جي انگ جي حساب سا?? بيلٽ پيپر سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل ڪالم ۽ اردو الفابيٽ جي ترتيب ۾ پرنٽ ڪيو ويندو آهي ۽ هن ڀيري به انهي ترتيب سا?? پرنٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بيلٽ پيپر جي فولڊنگ ۽ اليڪشن جي ٻين مرحلن بابت مع??وم??تي و??يوز اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk ۽ يوٽيوب چئنل تي موجود آهن. ووٽرز کي سوشل ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خبرن تي اعتبار ڪرڻ بدران مع??وم??ت لاءِ صرف اليڪشن ڪميشن مان جاري ڪيل آگاهي و??يوز مان فائدو کڻڻ گهرجي يا ڪنهن شڪايت جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي قائم ڪيل ڪمپلينٽ سيل تي 0151111327000 تي رابطو ڪن.