برسلز – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ ٽئين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي اعليٰ نمائندي جوزف بوربيل فونٽيلس سان ملاق??ت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ هن عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن تڪرار?? کي حل ڪرڻ ۾ سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي چئلينج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ض??ور?? تي زور ڏنو. هن ملاق??ت دوران اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان (2019ع) موجب پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپ?? کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.