اسلام آباد- 31 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضا??يه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عالمي اسٽريٽجڪ صورتحال ۽ عل??ئق??ئي سلامتي سميت گڏيل اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. معززن ملاقات دوران سمورن شعبن ۾ آپريشن تربيت لاءِ موجوده فريم ورڪ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ جديد سيڪيورٽي چئلينجن جي روشنيءَ ۾ عسڪري تيارين ۽ گڏيل سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪ فضا??يه جي ترجمان مطابق ايئر چيف معزز مهمان کي پاڪ فضا??يه جي ”نيڪسٽ جنريشن ا??ئرفورس“ بنائڻ لاءِ پنهنجي ويزن کان آگاهه ڪيو، جنهن ۾ پاڪ فضا??يه کي جديد تقاضائن موجب بڻائڻ لاءِ خاص طور تي خود انصاري کي هٿي، نيش ٽيڪنالاجيز جي حاصلات ۽ تربيتي شعبي جي سڌارن جا منصوبا شامل آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي ايئر چيف پاڪ فضا??يه طرفان چين سان ا??ساني وسيلن ۽ فني شعبن سميت هوابازي جي صنعت ۾ موجوده تعاون کي هٿي ڏيڻ جي خواهش جو ا??ها?? ڪيو ته جيئن گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي مضبوط سفارتي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن ۽ آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪ چين بي مثالي دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪا عل??ئق??ئي امن، سلامتي ۽ استحڪام بابت سمورن ا??م معاملن ۾ هم آهنگي تي ٻَڌل آهي. معزز مهمان عل??ئق??ئي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ خطي ۾ طاقت جي توازن کي يقيني بنائڻ لاءِ پاڪ فضا??يه جي قيادت جي عزم ۽ ان مقصد لاءِ سندس طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. معززن سائبر، اسپيس ۽ اليڪٽرانڪ وار فيئر جهڙن شعبن ۾ جديد ترين نيش ٽيڪنالاجي جي شموليت تي ڌيان ڏيندي پاڪستان ۽ چين جي فضائي فوج وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هن گڏيل ۽ گهڻ ملڪي آپريشنل فضائي مشقن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو به ا??ها?? ڪيو جنهن جي رٿڻ ??ان خطي ۾ نَون ا??ڀرندڙن خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مربوط جوابي ڪاررواين جي تقويت ڏئي سگهي. چيني سفير ۽ پاڪ فضا??يه جي سربراهه وچ ۾ اها ملاقات ٻنهي ملڪن طرفان گڏيل اتفاق راءِ ۽ فوجي تعاون ذريعي پنهنجي اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مستحڪم ڪرڻ جي پختي عزم جو کُليل ثبوت آهي.