اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ??لا??ات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ??لا??ات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي صورتحال، ڪڻڪ سبسڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اسڪردو جا مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي هن نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو معاملو پڻ حل ڪي?? ويندو. صدر چيو ته نگران وزيراعظ?? گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي ??لا??ات جي لاءِ اتفاق ڪي?? آهي. واضح رهي ته گلگت بلتستان ڪائونسل جي وفد گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي معاملي تي صدر سان ??لا??ات ڪئي هئي. صدر وفد کي گلگت بلتستان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳالهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.