اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ?? گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذب?? جي بنياد تي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذب?? جي بنياد تي ايران سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه ت?? زور ڏنو ته علائقائي سالميت ۽ خودمختيار?? جي احترام جي ا?? تعاون کي سگهه ڏيڻ گهرجي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه ت?? اتفاق ڪيو ته دهشتگرد?? جي خاتمي ?? گڏيل دلچسپ?? جي ٻين رخن تي ورڪنگ ليول جي تعاون ۽ ويجهي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هنن ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي پنهنجي پنهنجي گادي وارن شهرن ۾ واپسي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.