اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي ص??ت جي مسئلن بابت مسجد ۽ منبر جو ڪردار انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪورونا جي دوران عالمن ۽ پيش امامن ڪورونا کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، مسجدون ۽ منبر غيرمتعدي بيمارين کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ??اڪ??ر عارف علوي جي صدارت ۾ مسجدن جي ذريعي ص??ت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته ڪميونٽي جي شرڪت سان ص??ت جي نظام تي بيمارين جو بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ صحت طرف مسجدن جي ڪردار تي پاليسي ڊرافٽ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اهو پاليسي ڊرافٽ ٻن هفتن ۾ تيار ڪيو ويندو. صحت واري نگران وفاقي وزير صدر ۽ خاتون اول جي بيمارين بابت آگاهي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي عمل کي ساراهيو. اجلاس ۾ ??وب??ئي نمائندن پنهنجي صوبن ۾ عوام جي ص??ت جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو.