اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پر??يهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پر??يهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا) سفير مريم آفتاب ڪئي جڏهن ته ميڪسيڪو جي وفد جي قيادت ميڪسيڪو جي پر??يهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (آفريقا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر) سفير جوز ٽرپ ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ گهڻ رخي اڳڀرائي جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. هنن ڪيترن ئي شعبن ۾ ??ال??ه ٻو??هه ۽ تعاون کي ??ڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.