دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جمعي ڏينهن دبئي ايڪسپو سٽي پهچندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس دبئي ايڪسپو سٽي اچڻ تي نگران وز??راعظم جي آجيان ڪندا. نگران وز??راعظم اڄ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي س??شن ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي نگران وز??راعظم نيدرلينڊ ۽ استونيا جي وز??راعظمن سان ملاقاتون متوقع آهن. نگران وز??راعظم زيد سسٽين ايبلٽي ايوارڊ جي تقريب ?? به شريڪ ٿيندو. نگران وز??راعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وز??ر ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وز??ر احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وز??ر محمد علي به ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.