اسلام آباد – 27 – ??ڪٽ??بر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، هو پاڪستان جو عظيم دوست هو. نگران وزيراعظم چيو ته اسان کي 2013ع ۾ سندس پاڪستان ج?? دورو چڱي ريت يا?? آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جا جذبا ۽ همدرديون اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي خاندان ۽ چيني قو?? سان گڏ آهن.